اسلام آباد: (بيورو ) پ پ اڳواڻ سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر مملڪتي وزير جو عهدو سنڀالڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته هن پارٽي کي درخواست ڪئي آهي ته في الحال مملڪتي وزير جو عهدو نٿو سنڀالي سگهان. مملڪتي وزير بنجڻ کان معذرت ذاتي سببن جي ڪري ڪئي آهي. مصطفيٰ نواز کوکر وڌيڪ چيو ته ايندڙ چونڊن بابت پنهنجي ذميوارين تي ڌيان ڏيڻ چاهيان ٿو. ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي 37 رڪني ڪابينه جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن جي ميمبرن حلف به کڻي ورتو آهي. سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر جو نالو قانون ۽ انصاف واري مملڪتي وزير طور سامهون آيو هو پر هن عهدو سنڀالڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.










