مشير جي عهدي تان باجوا مستعفي، ‘استعيفيٰ نه رسيدون ڏيو’

مشير جي عهدي تان باجوا مستعفي، ‘استعيفيٰ نه رسيدون ڏيو’

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين جنرل (ر) عاصم سليم باجوه وزيراعظم جي خاص مددگار واري عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. هن جو چوڻ آهي ته بطور چيئرمين پيڪ اٿارٽي ڪم جاري رکندس. جنهن بعد سوشل ميڊيا تي نئون بحث شروع ٿي ويو آهي ته استعيفيٰ نه پر رسيدون ڏيو. ان عنوان سان ٽوئٽر تي ٽرينڊ به هلي پيو ۽ 28 هزار کان مٿي ماڻهو ان ۾ تبصرو ڪري چڪا آهن. نامياري صحافي حامد مير هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن اسٽوري غلط آهي ته پوءِ استعيفيٰ ڇو، جيڪڏهن استعيفيٰ ڏيڻي آهي ته پوءِ هڪ عهدي تان ڇو؟ سندس اها ٽوئيٽ به هزرين ماڻهن ريٽوئيٽ ڪئي آهي. ٻئي پاسي عاصم سليم باجوا جي حامين پاران جنرل صاحب سرخرو ٿي ويو جي عنوان سان ٽرينڊ هلي پيو ۽ ان ۾ به هزارين ماڻهن تبصرا ڪيا آهن. رٽائرڊ جنرل جي وضاحتي بيان هڪ نئون پنڊوڙا باڪس کولي ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو