مشهور ڳائڻو امجد پرويز لاڏاڻو ڪري ويو

مشهور ڳائڻو امجد پرويز لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان جو مشهور ڳائڻو امجد پرويز لاڏاڻو ڪري ويو.وارثن موجب ڊاڪٽر امجد پرويز گردي جو مريض هو ۽ هڪ مهيني کان بيمار هو، سندس عمر 79 ورهين جي هئي.وارثن جو چوڻ آهي ته امجد پرويز جي جنازي نماز 4 مارچ سومر ڏينهن ظهر جي نماز بعد مين بليوارڊ مسجد شادمان لاهور ۾ ادا ڪئي ويندي.پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز شريف گلوڪار امجد پرويز جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي.مريم نواز چيو ته امجد پرويز جون فن ۽ موسيقي ۾ خدمتون ياد رکيون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو