لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي مشهور ڪاميڊين جاويد ڪوڏو جي طبيعت خراب ٿيڻ بعد کيس اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. سندس پٽ طيب جاويد ميڊيا کي ٻڌايو ته گزريل رات کيس پيٽ ۾ تڪليف بعد نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. ڊاڪٽرن سندس انڊوسڪوپي ڪئي ۽ شڪ طاهر ڪيو آهي ته کيس السر آهي. سندس حالت خطري کان ٻاهر آهي. هن مداحن کي دعا جي اپيل ڪئي آهي.










