مشهور پَيري تي چورن جو حملو. ڳوٺاڻن بچائي ورتو

ٽنڊو غلام حيدر( رپورٽ ميرحسن رند)ڳوٺ محمد صديق رند جو رهواسي ۽ مشھور پيري نيڪ محمد رند تي سجاول ضلعي جي جاتي ٿاڻي جي حد ۾  ھٿياربندن پاران قاتلاڻي حملي جي ڪوشش ڳوٺاڻن کيس بچائي ورتو مشھور پيري نيڪ محمد رند کي جاتي ٿاڻي جي حد ۾ ھڪ پيرا ڀيٽي ۾ گھرايو ويو ھو جتي چورن جي ساٿارين کيس مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ۽ قاتلاڻو حملو ڪرڻ لاء رستا روڪ ڪري حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ان موقعي تي پويان ايندڙ ڳوٺاڻن کيس بچائي ورتو ھٿياربندن جي اھڙي عمل خلاف ٽنڊو غلام حيدر ڀرسان ڳوٺ محمد صديق رند جي درجنين ڳوٺاڻن پيري نيڪ محمد رند شاھ محمد رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ان موقعي تي پيري نيڪ محمد رند ٻڌايو ته مون کي چورن جي ساٿارين چورن جو نالو کڻڻ تي مون کي ڌمڪيون ڏنيون ۽ آئون جاتي کان ڳوٺ اچي رھيو ھيس ته جاتي ٿاڻي جي حد ۾ بااثر شخص ماستر حڪيم رند جي چرچ تي ھٿياربندن رسول بخش پٽ محمد قاسم عرف قاسو رند؛  ۽ صالب پٽ صالح رند؛ منھنجي رستا روڪ ڪري مون کي جان کان مارڻ جي ڪوشش ڪئي جتي ڳوٺاڻن پھچي مون کي بچائي ورتو ڪنھن به وقت ھو مون کي ماري ٿا سگھن جنھن ڪري ھن سجاول ضلعي جي ايس ايس پي ۽ ٽنڊو محمد خان جي اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته مون مٿان قاتلاڻو حملو ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪري مون کي تحفظ فراھم ڪري ڏنو وڃي ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو