لاهور(ويب ڊيسڪ) مشهور اسٽيج ۽ ٽي وي مزاحيه اداڪار جاويد ڪُوڍو لاڏاڻو ڪري ويو آهي. خاندان موجب، جاويد ڪوڊو ڪافي عرصي کان بيمار هو ۽ جنرل اسپتال ۾ علاج هيٺ هو.اداڪار جاويد ڪوڊو جنهن پنهنجي ننڍڙي قد جي ڪري شهرت حاصل ڪئي، اسٽيج ڊرامن سميت ڪيترن ئي فلمن ۽ ڊرامن ۾ ڪم ڪيو،سندس مشهور پاڪستاني ڊرامن ۾ عين والا جن ۽ آشيانا شامل آهن.گذريل سال هڪ انٽرويو ۾، جاويد ڪوڊو چيو هو ته هو ڪيترن ئي بيمارين ۾ مبتلا هو.










