ممبئي (شوبزنيوز)ڀارتي رياست ڪرناٽڪ سان واسطو 21 ورهين جي سيني شيٽي مس انڊيا 2022ع بڻجي وئي آهي.گذريل ڏينهن ممبئي ۾ مس انڊيا 2022ع جي فائنل جي تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ مقابلي جي فاتح ۽ رنر اپ جو اعلان ڪيو ويو.مس انڊيا سيني شيٽي في الحال چارٽرڊ فنانشل اينالسٽ ( سي ايف اي ) جو ڪورس ڪري رهي آهي هاڻي هوءَ 71 هين مس ورلڊ مقابلي ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪندي.رپورٽ موجب راجسٿان جي روبل شيخاوت مس انڊيا 2022ع جي پهرين رنر اپ طور سامهون آئي ۽اتر پرديش سان واسطو رکندڙ شناتا چوهاڻ کي مس انڊيا 2022ع جي سيڪنڊ رنر اپ جو تاج پارايو ويو .










