مسو واهه کي 20 فٽ گهارو، سوين ايڪڙ فصل پاڻي هيٺ

ڏهرڪي (وجي ڪمار) رونتي لڳ مسو واھ کي 20 فُٽ گهارو، سوين ايڪڙ زمين پاڻي هيٺ ايريگيشن کاتو گم ڳوٺاڻا پنهجي مدد پاڻ تحت گهاري کي بند ڪرڻ ۾ مصروف، ايريگيشن آفيسرن جا نمبر بند پيل، ڳوٺ ڌڱاڻو رند وٽان صبح سوير مسو واھ کي گهارو پيو، ڳوٺاڻن گهاري کي ڏسندي مسجد ۾ اعلان ڪري علائقي واسين کي گڏ ڪيو، پنهنجي مدد پاڻ تحت ڳوٺاڻا گهاري کي بند ڪرڻ ۾ مصروف آهن، ٻئي پاسي گهاري واري هنڌ ايريگيشن عملدارن جي نه اچڻ خلاف ڳوٺاڻن مظاهرو پڻ ڪيو، يوسي رائونتي چيئرمين عبدالرزاق چاچڙ گهاري واري هنڌ پهچي ٻڌايو ته مسو واھ کي 20 فُٽ گهارو پوڻ ڪري سوين ايڪڙ فصل پاڻي هيٺ اچي تباھ ٿي ويو آهي، ايريگيشن کاتي جي عملدارن کي اطلاع ڏيڻ باوجود نه پچڻ افسوس جوڳو عمل آهي اسين ڊپٽي ڪمنشر گهوٽڪي کان مطالبو ٿا ڪيو ته ايريگيشن کاتي جي گوسڙو عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ان موقعي تي ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ايريگيشن جي آفيسرز جا نمبر بند پيل آهن، ڪير به ناهي پهتو. پنهنجي مدد پاڻ تحت گهاري کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون پيا.  

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو