اسلام آباد(بيورو رپورٽ)حڪمران اتحاد مسلم ليگ ق ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ اهم ملاقات ٿي آهي. وزيراعظم عمران خان جي ايم ڪيو ايم قيادت سان ڪالهه ملاقات کانپوءِ اڄ حڪومت جي ٻن اهم اتحادي پارٽين وچ ۾ ملاقات ٿي ۽ عدم اعتماد بابت مشاورت ڪئي وئي. مسلم ليگ (ق) جو وفد پارليامينٽ لاجز ۾ وفاقي وزير امين الحق جي رهائشگاهه پهتو، جنهن ۾ وفاقي وزير مونس الاهي ۽ طارق بشير چيما شامل هئا. ذريعن موجب حڪومتي اتحادين سمورن معاملن تي هڪ ٻئي سان رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو آهي.










