مسافر بس جي چيڪنگ دوران 5 مهينن جي ٻارڙي بازياب

مسافر بس جي چيڪنگ دوران 5 مهينن جي ٻارڙي بازياب

رحيم يار خان (ويب ڊيسڪ)رحيم يار خان ۾ مسافر بس جي چيڪنگ دوران پوليس 5 مهينن جي ٻارڙي هٿ ڪري عورت کي گرفتار ڪري ورتو.ڊي ايس پي خالد محمود موجب ٻارڙي کي پاڪپتن درٻار بابا فريد وٽان عورت اغوا ڪيو هو.عورت ٻارڙي کي کڻي ڪراچي وڃي رهي هئي، جنهن کي هٿ آيل ٻارڙي جي ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف احمد پور ليما پوليس ڪارروائي ڪري 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب گرفتار جوابدارن وٽان 9 چوري ٿيل موٽرسائيڪلون، رڪشا، ٽريڪٽر ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو