ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) رمضان المبارڪ دوران مسافرن جي کوٽ سبب ڪراچي کان 19 اڏامون منسوخ ڪيون ويون.ايئر سيال جي ڪراچي کان اسلام آباد ويندڙ اڏام پي ايف 121 ۽ فلائي جناح جي ايف جي ايل 670 کي منسوخ ڪيو ويو.پي آءِ اي ڪراچي کان اسلام آباد جي اڏام پي ڪي 300، امارات ايئر ڪراچي کان دبئي جي اڏام اي ڪي 605 ۽ فلائي جناح ڪراچي کان لاهور جي اڏام ايف جي ايل 840 منسوخ ڪئي وئي آهي.فلائي بغداد جي ڪراچي کان بغداد جي اڏام IF 332، PIA جي ڪراچي کان جده جي اڏام پي ڪي 731 منسوخ ڪئي وئي ۽ ايئر بلو جي ڪراچي کان لاهور جي اڏام پي اي 402 پنج ڪلاڪ دير سان شام 5 وڳي رواني ٿي.پي آءِ اي جي ڪراچي کان اسلام آباد جي اڏام پي ڪي 368، ايئر سيال جي ڪراچي کان لاهور جي اڏام پي ايف 143، عراقي ايئرويز جي ڪراچي کان نجف جي 2 اڏامون به منسوخ ڪيون ويون آهن.سرين ايئر جي ڪراچي کان لاهور جي اڏام اي آر 522، ايئر بليو جي ڪراچي کان اسلام آباد پي اي 200، سريلنڪن ايئر جي ڪراچي کان ڪولمبو جي اڏام پڻ منسوخ ڪئي وئي.ايئر بلو جي ڪراچي کان دبئي جي اڏام پي اي 110، پي آءِ اي ۽ ايئر بلو جي شام 7 وڳي ڪراچي کان لاهور جي اڏام، جڏهن ته ايمريٽس ايئر جي شام 7 وڳي ڪراچي کان دبئي جي اڏام اي ڪي 609 کي به منسوخ ڪيو ويو آهي.ايئر بلو جي رات 8 وڳي ڪراچي کان لاهور ويندڙ اڏام پي اي 406 به منسوخ ڪئي وئي. سي اي اي ذريعن جو چوڻ آهي ته رمضان المبارڪ دوران مسافرن جي لوڊشيڊنگ تمام گهٽ هجڻ سبب اڏامون منسوخ ڪيون ويون آهن.










