لاهور: (ويب ڊيسڪ) مريم نواز عمري جي ادائيگي لاءِ پاسپورٽ حوالي ڪرڻ جي درخواست واپس وٺي ڇڏي آهي. مريم نواز جي عمرو ادا ڪرڻ لاءِ پاسپورٽ حوالي ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي باقر نجفي ۽ جسٽس سردار احمد نعيم تي ٻڌل 2 رڪني بئنچ ڪئي. ٻڌڻي دوران مريم نواز جي وڪيل امجد پرويز پنهنجي درخواست واپس وٺي ڇڏي.ايڊووڪيٽ امجد پرويز چيو ته مون کي منهنجي موڪل پاسپورٽ حوالي ڪرڻ واري درخواست واپس وٺڻ جو چيو آهي. جنهن کان پوءِ عدالت مريم نواز طرفان داخل ڪيل اپيل واپس وٺڻ تي درخواست اُڪلائي ڇڏي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن مريم نواز جي عمري جي ادائيگي لاءِ پاسپورٽ حوالي ڪرڻ جي درخواست تي چوٿون بينچ جوڙيو ويو هو.










