لاهور(ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ ن جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز عمري تي وڃڻ جي اجازت لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ مريم نواز جي درخواست تي اڄ ٻڌڻي ڪندي. مريم نواز پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته عدالتي حڪم تي پاسپورٽ جمع ڪرايا آهن، هوءَ عمري جي لاءِ سعودي عرب وڃڻ چاهي ٿي، ان ڪري کيس عمري تي وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي.










