معاشي صورتحال، مريم نواز سان ناڻي واري وزير جي ملاقات

معاشي صورتحال، مريم نواز سان ناڻي واري وزير جي ملاقات

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز سان ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ملاقات ڪئي.وفاقي وزير مريم نواز شريف کي وڏي وزير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني.وڏي وزير مريم نواز پڻ محمد اورنگزيب کي ناڻي واري وزارت جو قلمدان سنڀالڻ تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.ملاقات ۾ ملڪي معاشي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ان موقعي تي مريم نواز چيو ته گڏجي پاڪستان کي معاشي مشڪلاتن مان ڪڍنداسين، معاشي بهتري لاءِ ناڻي واري وزير کان عوام دوست فيصلن جي اميد آهي.محمد اورنگزيب چيو ته مريم نواز جا سماجي ڀلائي وارا قدم تمام سٺا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو