پاسپورٽ واپس ڏيو، مريم پاران هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل

پاسپورٽ واپس ڏيو، مريم پاران هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل

لاهور(ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز پاسپورٽ واپسي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو. مريم نواز طرفان درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نيب چوڌري شگر ملز ڪيس ۾ پاسپورٽ ضبط ڪيو، 4 سال گذرڻ باوجود ڪو به ريفرنس داخل نه ڪيو ويو، پاسپورٽ ضبط ڪرڻ بنيادي آئيني حقن جي ڀڃڪڙي آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن کي به اڻڄاتل مدي تائين بنيادي آئيني حقن کان محروم نه ٿو رکي سگهجي، ان کان بچي نه سگهندو، هوءَ پنهنجي ماءُ کي بستري تي ڇڏي پاڪستان واپس آئي، پر ان تي پابندي لاڳو نه ڪئي وئي. درخواست ۾ مريم نواز اهو به چيو ته سڪيورٽي لاءِ 7 ڪروڙ رپيا به جمع ڪرايا آهن، چوڌري شگر ملز ڪيس ۾ ضمانت ميرٽ تي ڏني وئي، ڊپٽي رجسٽرار جڊيشل کي پاسپورٽ واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو