لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪور ٽ نيب کي مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز کي 12 اپريل تائين گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.رپورٽ موجب مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز کي نيب 26 مارچ تي طلب ڪري رکيو آهي پر گرفتاري جي امڪان کي نظر ۾ رکندي مريم نواز لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي. مريم نواز جاتي امراءِ ايراضي ڪيس ۾ حفاظتي ضمانت جي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿي ۽ پنهنجي حفاظتي ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي. مريم نواز عبوري ضمانت جي لاءِ جسٽس سرفراز ڊوگر جي سربراهي ۾ بينچ جي آڏو پيش ٿي ته ان سان گڏ ڪيپٽن(ر) صفدر، پرويز رشيد، رانا ثناءُالله، عطا تارڙ، خواجه عمران نذير ۽ مريم اورنگزيب سميت ٻيا اڳواڻ به موجود هئا.مريم نواز جي درخواست تي ٻڌڻي جسٽس سرفراز ڊوگر جي سربراهي ۾ بينچ ڪئي. مريم نواز درخواست ۾ موقف پيش ڪيو ته نيب لاهور 15 سئو ڪئنال ايراضي بابت جاچ شروع ڪئي آهي ۽ ٻن انڪوائريز ۾ 26 مارچ تي طلب ڪيو آهي. انڪوائري ۾ شامل ٿيڻ چاهيان ٿي پر منهنجي گرفتاري جو امڪان آهي. درخواست ۾ مريم نواز استدعا ڪندي چيو آهي ته نيب حڪومت جي اشاري تي سياسي مخالفن کي ٽارگيٽ ڪري رهيو آهي. حڪومت جي دٻاءُ تي درخواست ڏيندڙ کي 26 مارچ تي گرفتار ڪري سگهجي ٿو. جنهن کان پوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ درخواست ڏيندڙ جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي.عدالت نيب کي 12 اپريل تائين مريم نواز کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. جڏهن ته هاءِ ڪورٽ مريم نواز کي ٻن ڪيس ۾ 10-10 لک روپين جا ٻه مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.










