مريم نواز جي بيان خلاف پ پ جي واڪ آئوٽ بعد ايوان ۾ واپسي

مريم نواز جي بيان خلاف پ پ جي واڪ آئوٽ بعد ايوان ۾ واپسي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)مسلم ليگ (ن) جي اتحادي پارٽي پيپلز پارٽي پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز جي بيان خلاف قومي اسيمبلي جي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪيو، اسپيڪر قومي اسيمبلي سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ پيپلز پارٽي پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز جي بيان خلاف واڪ آئوٽ ڪيو، ان حوالي سان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نويد قمر چيو ته اسان هتي احتجاج ڪيو هو، جنهن کان پوءِ هڪ سرڪاري ٽيم آئي جنهن سان ڳالهيون ڪيون ويون، زميني صورتحال ساڳي آهي ۽ ڪا به تبديلي نه آئي آهي، اسان هن وقت هن ايوان جو حصو نٿا ٿي سگهون جيستائين صورتحال تبديل نه ٿئي، اسان احتجاج طور ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري رهيا آهيون، بعد ۾، حڪومتي ميمبرن پيپلز پارٽي جي اڳواڻن کي مڃائي ورتو ۽ انهن کي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ واپس آندو.

پهنجو تبصرو موڪليو