ملتان: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نوازشريف قاسم بيله رليف ڪيمپ جو دورو ڪيو جتي هن ٻوڏ متاثر ٻارن ۽ عورتن سان ڳالهيون پڻ ڪيون. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز فلڊ رليف ڪيمپ ۾ ٻارن ۾ چاڪليٽ، بسڪيٽ ۽ وردي پيڪ ورهايا جڏهن ته ٻارن کي پاڻ پنهنجي هٿن سان جوتا پارايا، عورتن کي ڪپڙا ۽ ٻيا تحفا پڻ پيش ڪيا. مريم نواز فلڊ ڪيمپ ۾ ننڍن ٻارن جي وچ ۾ ويهي رهي، جڏهن ته ٻارن سان ڪچهريون ڪيون ۽ مختلف سوال به پڇيا. هن ٻارن کان انگن اکرن جي باري ۾ پڻ پڇا ڪئي. جڏهن ته متاثر خاندانن کان مسئلا ۽ ضرورت جي باري ۾ پڇا ڪئي. مريم نواز عورتن کي گهرن جي بحالي لاءِ قدمن جو يقين ڏياريو. وزيراعليٰ مريم نوازشريف ٽينٽن ۾ صفائي ۽ ٻين انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن قاسم بيله فلڊ، رليف ڪيمپ ۾ هيلٿ، ريسڪيو ۽ ٻين ڪائونٽرز جو جائزو ورتو.ڪمشنر ملتان عامر ڪريم ۽ ڊپٽي ڪمشنر وسيم سندهو وزيراعليٰ مريم نوازشريف کي انتظامن جي باري ۾ ٻڌايو. وزيراعليٰ مريم نوازشريف ٻارن جي لاءِ کاڌو، کير ۽ ٻيون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي هدايت ڪئي. جڏهن ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف کي هيڊ محمد والا تي بريفنگ به ڏني وئي.










