اسلام آباد (بيورو رپورٽ ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ مريم نواز وچ ۾ ملاقات دوران اتفاق ڪيو ويو آهي ته پيپلزپارٽي جِي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي هاڪاري فيصلا ڪيا، پ پ جِي تجويزن تي مشاورت بعد حتمي فيصلو پي ڊي ايم ڪندي. ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته بلاول ڀٽو پريس ڪانفرنس ۾ مناسب ۽ پي ڊي ايم جي پاليسين تي ڪاربند رهندي ڳالهيون ڪيون، ميڊيا مفروضن تي مشمل خبرون هلايون اسين مفروضن تي نه هلنداسين، بلاول پهرين جنوري تي پي ڊي ايم جَي سربراهي اجلاس ۾ تجويزون پيش ڪندو، ننڍي چونڊ ۾ حصو وٺڻ يا نه وٺڻ جو فيصلو به پي ڊي ايم ڪندي، مريم چيو ته نوازشريف جو پاسپورٽ رد ڪيو ويو ته سڄي قوم ساڻس گڏ هوندِي، مولانا فضل الرحمان چيو ته نيب حڪومت جو هٿيار بڻيل آهي، خواجا آصف جِي گرفتاري انتقامي ڪارروائي آهي، گرفتاريون معمولي شئي آهي، اسان وڏي انقلاب ڏانهن وڃي رهيا آهيون، فضل الرحمان چيو ته ڳڙهي خدابخش واري جلسي ۾ شرڪت لاءِ 2 ڏينهن پهريان دعوت ملي، شرڪت ڪرڻ جو ڪو پروگرام نه هو، مصروفيتن جَي ڪري جلسي ۾ نه وڃي سگهيس.










