ڪراچي(ويب ڊيسڪ)دنيا جي امير ترين ماڻهن ۾ شامل ايلون مسڪ، جيڪو ٽيسلا ۽ SpaceX جو باني به آهي، هڪ ڊگهي وقت تائين انسانن کي مريخ تائين پهچائڻ لاء ڪم ڪري رهيو آهي. هاڻي هو اسان کي ٻڌائي ٿو ته انسان ڪيتري وقت تائين ڌرتيءَ جي پاڙيسري ڳاڙهي سياري يعني مريخ تي پير رکي سگهي ٿو. خير، پهريان ته هن جو ٽارگيٽ هو ته 2024 تائين انسانن کي مريخ تي پهچائبو، پر هاڻي سندس چوڻ آهي ته هلندڙ ڏهاڪي جي آخر تائين ايئن ممڪن ٿي سگهي ٿو. 2016 ۾، SpaceX جي باني مريخ تي هڪ شهر تعمير ڪرڻ جي منصوبي جو اعلان ڪيو هو ۽ اميد ظاهر ڪئي هئي ته انساني مشن 2024 تائين ڳاڙهي سياري تي پهچي ويندو. هاڻي هو چوي ٿو ته ان ۾ ڪجهه دير ٿي آهي ۽ 2029 تائين مريخ تي پهچڻ جي هن نئين ڊيڊ لائين ڏني آهي.










