مرزا پنهنجي محسن سان سچو نه رهيو ته عوام لاءِ ڇا ڪندو؟

مرزا پنهنجي محسن سان سچو نه رهيو ته عوام لاءِ ڇا ڪندو؟

نوشھرو فيروز (ڊ ر ) سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار سردار حاجي رسول بخش چانڊيو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر  ذوالفقار مرزا ڊاڪٽر  فھميدا مرزا ھميشا بدين جي عوام سان ويساهه گھاتيون ڪيون آھن ڊاڪٽر  فھميدا مرزا سليڪٽيڊ آهي وفاق ۾ ھوندي ھن بدين جي عوام لاء ڇاڪيو آ آھي؟ جيڪي پنهنجي محسن سان سچا نه ھليا باقي ھي ڇا بدين جي عوام سان ڇا سچا ھلندا انھن سڄي ڄمار بدين جي عوام جي حقن تي ڌاڙو ھنيو اڄ بدين ۾ بيھي وڏيون ڊاڙون ٿو ھڻي ته مون بدين لاء هي به ڪيو ته هو به ڪيو، مان پڇان ٿو ته توڇا ڪيو؟ جيڪي ڪم ٿيا پ پ پ ڪيا اڄ سليڪٽيڊ وفاق ۾ ويٺا آھن ھينئر بدين جا ڪم ڏيکارين ٽانگا پارٽي ڪھڙا ڪم ڪيا آھن ڊاڪٽر  ذولفقار ۽فھميدا مرزا ڌاندلي ڪري MNA ٿي آھي خود سليڪٽيڊ آھن ڊاڪٽر  ذوالفقار مرزا قرآن شريف مٿي تي رکي چيو ته منهنجي تن تي جيڪي ڪپڙا پاتل آھن اھي به آصف علي زرداري جا ڏنل  آھن جيڪي ماڻهوَ  پنهنجي محسن سان سچو نه ھليو اھو بدين جي عوام سان ڇا سچا ھلندا؟  اسان جي ڪو چئئرمين آصف علي زرداري ۽ چئئر مين بلاول ڀٽو صاحب جي خلاف ڳالھين ٿا اسان انهيَ  جي سخت مذمت ڪيون ٿا انهن  جالي  ڀوپن ۽سليڪٽيڊن کي بدين جو عوام سڃاڻي ٿو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو