ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه حافظ نعيم جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته آدمشماري تي رڳو سنڌ حڪومت پنهنجو واضح موقف ڏنو جڏهن ته جماعت اسلامي سميت ٻيون سياسي پارٽيون هن اهم مسئلي تي هيل تائين ڪجهه نه ڪري سگهيون آهن. هن چيو ته اين ايف سي هجي، پاڻي/گيس جي ورڇ جو معاملو هجي يا مردم شماري تي اعتراض، پاڪستان پيپلز پارٽي هر شعبي ۾ سنڌ جي عوام جي حقن جو تحفظ ڪيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم مڪاني چونڊن جو بائيڪاٽ نه ڪري ها ته اڄ جماعت اسلامي جي هي پوزيشن نه هجي ها. هن چيو ته سنڌ حڪومت شهر ۾ امن امان بحال ڪيو، ڪراچي جو انفراسٽرڪچر تعمير ڪيو ۽ صفائي جو بهترين نظام فراهم ڪيو. هن چيو ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ جو عوام پاڪستان پيپلز پارٽي سان گڏ آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوام جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪندي آهي ۽ انسانيت جي خدمت تي يقين رکندي آهي.










