مرتضيٰ وهاب کي هٽائڻ جو امڪان

مرتضيٰ وهاب کي هٽائڻ جو امڪان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ميٽروپوليٽن ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب جي بدلي جو امڪان آهي.ذريعن موجب گذريل ڏينهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻن وچ ۾ ٿيل ملاقات کانپوءِ اِهو اندازو لڳايو پيو وڃي ته ميٽرو پوليٽن حڪومت جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب کي تبديل ڪيو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول هائوس ۾ ٿيل ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر ايم ڪيو ايم کي نامزد ڪيو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم جي نامزد ڪيل آفيسرن کي ٽن ضلعن ۾ ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويندو.ذريعن موجب آصف علي زرداري سنڌ حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته ايم ڪيو ايم سان ٿيل معاهدي تي عمل ڪيو وڃي. ٻئي طرف ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عبدالوسيم ۽ ڊاڪٽر سيف الرحمان جي نالن تي غور ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو