مراد شاهه سان قيصر شيخ جي ملاقات، سامونڊي مسئلن تي ڳالهيون

مراد شاهه سان قيصر شيخ جي ملاقات، سامونڊي مسئلن تي ڳالهيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سامونڊي معاملن بابت وفاقي وزير قيصر شيخ جي ملاقات ۾ مهاڻن جي مسئلن جي حل، سامونڊي آلاڻ تي ضابطو آڻڻ ۽ ڪيٽي بندر کي نئون بندرگاهه بڻائڻ جي منصوبي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ وڏي وزير جي سيڪريٽري رحيم شيخ ۽ پورٽ قاسم جي چيئرمين ايئر ايڊمرل ناصر شاهه شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فش ٽرالرن تي بحث شروع ٿيو جيڪي مڇيءَ جي ٻج کي تباهه ڪري مڇي مارڻ جا وسيلا تباهه ڪري رهيا آهن. وڏي وزير چيو ته صوبائي حڪومت ڄار بلو ۽ گجو جي استعمال تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي پر ٽرالرن کي ڪهڙي حڪومت لائسنس جاري ڪندي اهو اڃا تائين حل ناهي ٿيو. وڏي وزير ۽ وفاقي وزير وچ ۾ ٽرالرن جي مسئلي جي حل لاءِ هڪ ڪميٽي قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو جنهن ۾ سامونڊي معاملن واري وفاقي وزارت، سنڌ حڪومت ۽ بلوچستان جي نمائندن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي ويندي. اجلاس ۾ نيڪال جو پاڻي بغير ٽريٽ جي سمنڊ ۾ ڇڏڻ واري معاملي تي به غور ويچار ڪيو ويو جنهن سان سمنڊ جي آلودگي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت ويسٽ ڪراچي واٽر ريسائڪلنگ شروع ڪئي آهي. پروجيڪٽ ۾ فيڪٽرين جي نالن سان ڳنڍيل هڪ لائن، 35 ايم آئي جي ڊي ٽريٽمينٽ پلانٽ، درياهه ۾ ڇڏڻ لاءِ آر او پلانٽ، هڪ پمپنگ اسٽيشن، سائيٽ جي صنعتن کي ريسائيڪل پاڻي جي فراهمي لاءِ 28 کان 50 ايم آئي جي ڊي پائپ نيٽ ورڪ شامل آهي . وڏي وزير چيو ته پروجيڪٽ ٽينڊر جي مرحلي ۾ آهي ۽ جلد ٺيڪو ڏنو ويندو. مراد علي شاهه ۽ وفاقي وزير صنعتن کي ريسائيڪل پاڻي جي فراهمي لاءِ گڏيل پلانٽ لڳائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو جنهن ۾ صوبائي ۽ وفاقي حڪومتون پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون. ڳالهه ٻولهه دوران ٻڌايو ويو ته هن وقت ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۽ پورٽ قاسم سامونڊي جهازن جي آمد و رفت کي سنڀالي رهيا آهن پر وڌندڙ ٽريفڪ کي نظر ۾ رکندي ڪيٽي بندر وانگر نئين بندرگاهه جي ضرورت وڌي رهي آهي ته جيئن ان بار کي گهٽائي سگهجي. ڪيٽي بندر نيشنل هاءِ وي ۽ موٽر وي سان جڙيل هجڻ سبب سامان جي اندرين ترسيل کي آسان بڻائي ٿو. وڏي وزير چيو ته ڪيٽي بندر شروع ۾ پاڪستان-چين ڪوريڊور جو حصو هو پر نامعلوم سببن ڪري ان تي عمل نه ٿي سگهيو. وفاقي وزير اشارو ڏنو ته هو ان معاملي تي وزارت ۾ ڳالهائيندو ۽ بندرگاهه جي تعمير لاءِ پرائيويٽ پارٽنر ڳوليندو. اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ جلد هڪ ٻيو اجلاس گهرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو