مذهبي نفرت، احمدي برادري جو هڪ ڄڻو قتل

مذهبي نفرت، احمدي برادري جو هڪ ڄڻو قتل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) صدر جي علائقي ۾ آٽو مارڪيٽ لڳ احمدي برادري جي هال ٻاهران ٽي ايل پي احتجاج دوران 46 سالن جي ڪاروباري شخص کي قتل ڪري ڇڏيو. ڊي آءِ جي ڪراچي سائوٿ اسد رضا موجب احمدي برادري جا 40 جي لڳ ڀڳ ماڻهو ڪميونٽي هال ۾ مذهبي رسم جي ادائگي لاءِ گڏ ٿيا هئا ته کين روڪڻ لاءِ 400 جي لڳ ڀڳ ٽي ايل پي ورڪر هال ٻاهران گڏ ٿي نعريبازي ڪندا رهيا. ڊان اخبار جي رپورٽ موجب قتل ٿيل شخص جو طارق روڊ تي دوڪان هو ۽ احتجاج جي خبر ٻڌي هو دوڪان بند ڪري واقعي واري جاءِ تي پهتو ۽ مظاهرين جي ويڊيو رڪارڊنگ ڪري رهيو هو ته ٽي ايل پي وارن کيس سڃاڻي ورتو ۽ ماري ماري کيس قتل ڪيو. ميڊيڪو ليگل ڊاڪٽر سميه سيد موجب مقتول کي ڪا سخت شئي مٿي ۾ لڳي جنهن سب شديد زخم رسيا ۽ رت به وهيو، جنهن سبب هن دم ڏنو. ڊي آءِ جي موجب واقعي بعد 40 جي لڳ ڀڳ احمدي ڪميونٽي جي هال ۾ موجود ماڻهن کي بحفاظت گهرن ڏانهن روانو ڪيو ويو. هن چيو ته سي سي ٽي وي جي مدد سان جوابدارن جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي. پوليس مقتول جي وارثن جو انتظار پئي ڪري جيئن ايف آءِ آر سندن مرضي موجب ڪٽي سگهجي. هن چيو ته وارث نه آيا ته رياست ڪيس داخل ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو