ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته مخصوص سيٽن بابت جيڪو به فيصلو ٿيندو ان تي عمل ڪيو ويندو.هڪ بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته عدالتن جا تلخ فيصلا به قبول ڪيا آهن، اسان ڪڏهن به عدالتن جي توهين ناهي ڪئي.هن چيو ته نئين بجيٽ کانپوءِ سڀ ڪجهه مهانگو ٿي ويو آهي.شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته اسان جي معيشت تي دٻاءُ آهي، هتي هر ڪو ٽيڪس نٿو ڏئي.










