مخصوص سيٽن بابت پي ٽي آءِ جي درخواست اعتراض لڳائي واپس

مخصوص سيٽن بابت پي ٽي آءِ جي درخواست اعتراض لڳائي واپس

پشاور: (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار مخصوص سيٽن بابت تحريڪ انصاف جي درخواست اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏي آهي.پشاور هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار موجب سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ پشاور هاءِ ڪورٽ جو مخصوص سيٽن بابت فيصلو برقرار رکيو ۽ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو هاڻ سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ ضم ٿي چڪو آهي.رجسٽرار چيو ته اها درخواست هاڻ ٻڌڻ جوڳي نه آهي انهي ڪري واپس ڪيو وڃي ٿو. ياد رهي ته پي ٽي آءِ جي صوبائي جنرل سيڪريٽري علي اصغر پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ مخصوص سيٽن بابت درخواست داخل ڪئي هئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته پشاور هاءِ ڪورٽ جي مخصوص سيٽن بابت فيصلي ۾ تحريڪ انصاف پارٽي نه هئي.درخواست ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جو 25 مارچ 2024 تي مخصوص سيٽن جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي پي ٽي آءِ کي ڌر بنائڻ جي استدعا ڪئي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو