صالح پٽ (ن سنڌيار) مختلف يوسين جي اڳواڻن جي اڳواڻيءَ۾ ٻٽي نظام خلاف استادن جو احتجاج ھارڊ ايريا وارن استادن سان ايجوڪيشن سيڪريٽري ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو آهي :-مظاھرين پھرين پاليسي تحث استادن جي ڀرتي يو سي ليول تي ڪئي وڃي :- مظاهرين ڪورٽ سڳوريءَ جي در کڙڪائڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو خبر موجب :- تعلقي نارا جي يو سي دودو فقير آرادين ، ٽائون ڪاميٽي صالح پٽ ۽ يو سي ترائي جي اڳواڻن حاڪم علي ڀنڀرو ، انور علي مھر ۽ نثار مھر جي اڳواڻي ۾ آء بي اي پاس اميدوارن ھٿن۾ پلي ڪارڊ کڻي وزير اعلا سنڌ ، وزير تعليم ۽ ڊائريڪٽر آف ايجوڪيشن خلاف پريس ڪلب صالح پٽ آڏو احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو تہ ھارڊ ايريا وارن اميدوارن سان ايجوڪيشن سيڪريٽري پاران ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي ھنن چيو تہ 17نومبر 2021ء ۾ ايجوڪيشن سيڪريٽري ليٽر جاري ڪيو ھيو تہ JSTتوڙيPST استادن جي ڀرتي يوسي ليول تي ڪئي وڃي جنھن تحت تقريباً ٽيويھ ھزار کان مٿي استاد ڀرتي ڪيا ويا ليڪن ٻي پاليسي تحت ايجوڪيشن سيڪريٽري طرفان جيڪو ليٽر جاري ڪيو ويو ان۾ ڄاڻايو ويو آهي تہ JST توڙي PST استادن جي ڀرتي تعلقي ليول تي ڪئي وڃي جيڪا ھارڊ ايريا وارن اميدوارن سان سراسر ناانصافي آهي ھنن اھو پڻ چيو تہ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جون پاليسيون ئي نراليون آهن تہ جيڪڏهن ڪنھن اسڪول ۾ چاليھن کان سٺ شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن تہ ان اسڪول۾ ٻن کان ٽي استاد ڀرتي ڪيا ويا آهن پر جنھن اسڪول ۾ ٻہ سئو کان بہ وڌيڪ شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن تہ وري ان اسڪول۾صرف ھڪ استاد ڀرتي ٿيل آھي ھنن وڌيڪ چيو تہ نارا تعلقي ۽ تعلقي صالح پٽ ۾ ٻين تعلقن جي ڀيٽ ۾ سيٽون پڻ گھٽ آھن ھنن پنھنجي ڳالھ جاري رکندي چيو تہ صالح پٽ تعلقي ۽ نارا تعلقي کان سواءِ ٻين تعلقن۾ پنج سئو کان ڇھ سئو سيٽون اسان جي تعلقن کي بہ برابري جو حق ڏنو وڃي ھنن اعلا اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي تہ نئين پاليسي ختم ڪري پراڻي پاليسي تحت يو سي ليول تي استادن جي ڀرتي ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي










