ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڏ جي مختلف شهرن ۾ پيش آيل واقعن، حادثن ۽ جهيڙن ۾ 3 فوت، 18 گرفتار ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿيا آهن. تفصيل موجب ملاڪاتيار لڳ سنڌو دريا ۾ ھٿ منھن ڌوئڻ دوران پير ترڪڻ سبب ڪوٽڙي واسي 13سال مھدي حسن ملاح ناگوري ٻڏي فوت ٿي ويو. لاش ٻاهر ڪڍيو ويو، فوتي ڪوٽڙي مان مائٽن سان ملڻ لاء آيل ھو فوتي مھدي حسن جو لاش سندس والد قاسم ملاح ڪوٽڙي کڻائي ويو.*** بلڙي شاهه ڪريم ۾ ٻني ۾ گاهه ڪرڻ دوران نانگ جي ڏنگڻ سبب ڳوٺ رئيس ماھي خان عالماڻي جو رھواسي 30 سالا نوجوان علي حسن ولد احمد عالماڻي فوت ٿي ويو. ***بلڙي شاھ ڪريم لڳ آبادگارٿاڻي ويجهو ھندو نياڻي سومري ڪولهڻ جي جنسي زيادتي ڪيس جي مک جوابدار غلام مگسي جي ٽنڊو محمد خان عدالت مان ضمانت رد ٿيڻ بعد گرفتار ڪيو ويو. *** پنوعاقل جي ڳوٺ حاجي خان چاچڙ ويجهو گيس ۽ تيل جي ڳولا ڪندڙ ڪمپني جو ملازم فدا حسين چنو جو پراسرار نموني ڪيمپ مان لاش هٿ ڪيو ويو، لاش کي تعلقه اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو جتي کيس وارثن پهچي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪندي مڙھ ميرپورماٿيلو کڻائي ويا. ***دادو جي ڳوٺ پيچوها وٽ هٿياربند ڦورن پاران نوجوان کان موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش مزاحمت تي موٽر سائيڪل سوار 3 ڄڻا منير احمد پنهور، عرفان علي ۽ ياسين پنهور زخمي ٿي پيا، زخمين کي علاج سول اسپتال دادو آندو ويو، جتي هڪ زخمي منير احمد پنهور ٻڌايو ته پنهنجي ڳوٺ ڌوتڙا پنهور کان دادو اچي رهيا هئاسين ته 3 هٿياربند ڦورو جيڪي 125 موٽر سائيڪل تي سوار هئا انهن اسان جي موٽر سائيڪل کي لت هڻي ڪيرائڻ بعد موٽر سائيڪل ڪاهڻ جي ڪوشش ڪئي پر موٽر سائيڪل اسٽارٽ نه ٿيڻ سبب هو موٽر سائيڪل ڇڏي فرار ٿي ويا.***مانجهند ۾ ڇتن ڪتن جامع مسجد جي مدرسي ۾ آيل ڳوٺ پهلوان خان کوسو جي رهواسي خطابن عبدالوهاب کوسو سرمد کوسو سميت 3 ڄڻن کي ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيو

جنهن کي مدرسي جي انتظاميا تعلقه اسپتال مانجهند آندو جتي ڊاڪٽر ۽ وئڪسن نه هئڻ سبب زخمين کي واپس ڪيو ويو، اهڙي عمل خلاف مدرسي جي شاگردن ۽ وارثن جو جامع مسجد جي خطيب حافظ امتياز ميمڻ جي اڳواڻي ۾ سخت احتجاج ڪندي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو.***ڪوٽڏجي ڀرسان ڪنب ٻٻر وڏا لنڪ روڊ تي تيز رفتار ڊاٽسن ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر جي نتيجي ۾ ٽي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.

زخمين ۾ موٽر سائيڪل سوار ڳوٺ مير محمد سولنگي واسي سلام سولنگي سندس دوست اڪرم راڄپر شامل آھن زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ گمبٽ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آھي جڏهن ڪنب پوليس موقعه وارڌات تي پهچي ٻئي گاڏيون پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيون.***لاکاروڊ ٿاڻي جي حد ۾ ڪجھ ڏينھن اڳ مري برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي تڪرار تان قتل ٿيل غلام شبير خاصخيلي ۽ زخمي ٿيل فتح محمد مري ۽ عبدالحميد عرف حمون خاصخيلي ڪيس ۾ پوليس ٽن جوابدارن ڪريم بخش مري، شاھنواز مري ۽ غلام حسين کوسي کي هٿيارن سميت گرفتار ڪري ورتو ۽ جوابدارن کي ڪورٽ ۾ پيش ڪري رمانڊ ورتو آهي. *** ايس ايس سکر عرفان سمون دعويٰ ڪئي آھي ته آباد ٿاڻي جي پوليس گشت دوران ڦر جي ارادي سان بيٺل ڏوهاري کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته جوابدارن پوليس تي فائرنگ شروع ڪري ڏني جوابي ڪاروائي ۾ آباد پوليس هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته 2 جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، ايس ايس وڌيڪ چيو ته گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ محمد رمضان طور ٿي آهي جوابدار خلاف سکر ضلعي جي ٿاڻن تي 6 کان وڌيڪ ڪيس داخل آھن، ٻئي طرف گرفتار جوابدار صحافين کي ٻڌايو ته هو پنوعاقل جي علائقي مهيسرو جو رهواسي آهي هن کي 5 ڏينهن اڳ بائيجي ٿاڻي جي پوليس گهر تي چڙهائي ڪري گرفتار ڪري هڪ ڏينهن پنوعاقل ٿاڻي تي قيد رکيو ۽ 4 ڏينهن تائين سکر جي مختلف ٿاڻن تي رکي گذريل رات آباد ٿاڻي تي پوليس هاف فراءِ ڪري مقابلي جو ڊرامو رچايو آهي.










