مختلف قومي بچت اسڪيمن تي وياج  جي شرح ۾ تبديلي

مختلف قومي بچت اسڪيمن تي وياج جي شرح ۾ تبديلي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي بچت اسڪيمن جي سود جي شرحن ۾ نظرثاني ڪئي وئي آهي.نئين شرح سود موجب، باقاعده آمدني سرٽيفڪيٽ تي سالياني سود جي شرح 10.68٪ کان وڌائي 10.92٪ سالياني ڪئي وئي آهي.خاص بچت سرٽيفڪيٽ تي سود جي شرح 10.40٪ کان وڌائي 10.60٪ سالياني ڪئي وئي آهي، جڏهن ته بهبود بچت سرٽيفڪيٽ، پينشنرز بينيفٽ اڪائونٽ ۽ شهداء فيملي ويلفيئر تي سود جي شرح گهٽائي وئي آهي.هي شرح 12.96٪ کان گهٽائي 12.72٪ سالياني ڪئي وئي آهي.ان کان علاوه، ڊفينس سيونگ سرٽيفڪيٽ تي سود جي شرح وڌيڪ گهٽائي وئي آهي، جڏهن ته سروا اسلامڪ ٽرم اڪائونٽ ۽ سروا اسلامڪ سيونگ اڪائونٽس تي سود جي شرح 9.94٪ کان وڌائي 10.30٪ سالياني ڪئي وئي آهي 3 سالن لاءِ ۽ 5 سالن لاءِ 10.56٪ سالياني ڪئي وئي آهي.بچت اڪائونٽس تي وياج جي شرح 9.50 سيڪڙو تي برقرار رکي وئي آهي ۽ ڪا به تبديلي نه ڪئي وئي آهي، جڏهن ته نئين وياج جي شرح 4 نومبر کان لاڳو ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو