مختلف شهرن ۾ جوا ۽ منشيات عام ٿي وئي، شڪارپور ۾ ڇاپو

ڪراچي( نمائندن وٽان) سنڏ جي مختلف شهرن ۾ جوا ۽ منشيات واپرائڻ ۾ اضافو ٿي ويو آهي، مختلف شهرن ۾ مختلف طريقن سان جوا جا اڏا هلي رهيا آهن، سوپارين، ڪچي شراب، چرس ۽ ڀنگ واپرائڻ معمول ٿي ويو آهي. شڪارپور مان ڪاشف نواز ٻرڙو ٻڌايو آهي ته مددگار پوليس جي انچارج گلشير احمد سيٺار اللّه آباد ڪالوني م ڇاپو هڻي نشه آور سوپارين سان ڀريل ڪارٽون هٿ ڪري بن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي. هٿ آيل سامان جي رقم 30 کان 40 لکن تائين ٻڌائي پئي وڃي. اي ايس پي سٽي فاروق امجد بٽر جي هدايتن تي هڪ گھر۽ گودام  تي اندر ڇاپو هڻي نشي آوار سوپاريون، زهريلي نسوار برآمد ڪري 2 جوابدارن منظور احمد ۽ عبدالخالق بڪيجو کي گرفتار ڪري نيو فوجداري ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو آھي. *** ٽنڊو محمد خان ضلعي جي شهر سترموري مان لال بخش سٺيو موجب شيخ ڀرڪيو ۽ ڀرپاسي ۾  پوليس جي سرپرستي ۾ منشيات جو سري عام وڪرو جاري آهي. هزارين روپيه هفتو ملڻ سبب شيخ ڀرڪيو  پوليس اکين ۾ ايلفي لڳائي سڄي ٿاڻي جي حد منشيات فروشن حوالي ڪري ڇڏي. منشيات فروش مين پڙي، انڊين گٽڪو سيمت ٻين نشي آور شيون بنا ڪنهن ڊپ جي وڪرو ڪرڻ لڳا جڏهن ته هاء ڪورٽ ۽ ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان  ذوالفقار علي ٽالپر صاحب جي سخت حڪمن کي پڻ شيخ ڀرڪيو پوليس ردي جي ٽوڪري حوالي ڪري ڇڏيو، نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي.

***هوڏانهن دادو جي شهر ڊرگھه بالا مان جي ايم لنڊ موجب ڪاڇي جو شھر مريد يرو جوا جو اڏو بڻجي ويو آهي. ڏينهن ڏٺي پوليس عملدارن اڳيان جوا هلندڙ انتظاميه بي وس پوليس جا ڪافي اهلڪار جوارين سان مليل آهن ۽ ڀتو وٺن ٿا. نوجوان، پوڙھا، پڪا ۽ ٻار جوا ۽ منشيات جا عادي بڻجي ويا آهن. شهر جا نوجوان اسڪول وڃڻ بدران جوا کيڏڻ ۾ وقت گذارڻ لڳا. ايس ايڇ او گاج بنگلو کي خبر ھوندي به بي خبر آهي. سول سوسائٽي ايس ايس پي دادو قمر رضا جسڪاڻي کان ڪاروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو