مختلف سياسي جماعتن جون اهم شخصيتون پي پي ۾ شامل

مختلف سياسي جماعتن جون اهم شخصيتون پي پي ۾ شامل

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر)سياسي پارٽين ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ پارٽيون مٽائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. ڏکڻ پنجاب ۽ ڪراچي مان ڪيترن ئي اهم سياسي شخصيتن پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيوآهي. صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ڏکڻ پنجاب جي مختلف سياسي پارٽين جي ڪيترن ئي سياسي شخصيتن زرداري هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيندڙ سياسي شخصيتن ۾ اڳوڻو ميمبر قومي اسيمبلي، وهاڙي مان پي ٽي آءِ جو چوڌري اصغر جٽ، مظفر ڳڙهه مان مسلم ليگ ن جو اڳوڻو وزير پنجاب سيد هارون احمد سلطان بخاري، مسلم ليگ ن جو اڳوڻو ميمبر پنجاب اسيمبلي سيد جميل شاهه شامل آهن. خانيوال مان مسلم ليگ (ق) جو ايڊووڪيٽ ملڪ فيض احمد ۽ پي پي 271 مظفر ڳڙهه جو ٽڪيٽ هولڊر، بهاولنگر مان پي ٽي آءِ جو اڳوڻو ٽڪيٽ هولڊر رانا انتظار احمد، پاڪستان ڪسان اتحاد جو مرڪزي نائب صدر ميان عامر وٽو ۽ ميونسپل ڪميٽي خانيوال جو اڳوڻو چيئرمين ايم. پي ٽي آءِ جو مسعود مجيد ڏاها. ان موقعي تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين پي پي بلاول ڀٽو سڀني کي پارٽي ۾ شموليت تي ڀليڪار ڪندي مبارڪباد پيش ڪئي. ان موقعي تي سيد يوسف رضا گيلاني، مخدوم احمد محمود، مخدوم مرتضيٰ محمود، رخسانه بنگش، پي پي مظفر ڳڙهه جو سيڪريٽري جنرل ملڪ مظهر پهوڙ، ملڪ فياض احمد ۽ عبدالقادر شاهين به موجود هئا. ٻئي پاسي سنڌ جي ليبر منسٽر سعيد غني سان پي ٽي آءِ ڪراچي جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ ملاقات ڪري عمران خان کان لاتعلقي ظاهر ڪندي پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو