ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مختلف برادرين جا ننڍن ننڍن معاملن تان جهيڙن جي 4 واقعن ۽ ٻن روڊ حادثن ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ 35 زخمي ٿي پيا. *** سيٺارجا مان سجاد علي ڪٻر موجب ڳوٺ نورالاهي باجوا ۾ شنڀاڻي برادري جا ماڻهو مال چاري رهيا هيا ته مال فصل ۾ پوڻ سبب زمين مالڪ پاران منع ڪرڻ تي هٿين پئجي ويا جنهن سبب 55 سالا زمين مالڪ صفدر سخت زخمي ٿي پيو جيڪو ڪجهه دير بعد واقعي واري هنڌ فوت ٿي ويو وارثن چيو ته شنباڻي برادري جي ماڻهن اسان جي همراه کي گهٽا ڏئي قتل ڪيو آهي. پوليس لاش ٺري ميرواه اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو شنباڻي برادري جا ماڻهو گهر خالي ڪري ويا.***گهوٽڪي مان سليم فضل ڪلهوڙو موجب اسٽيشن لڳ ميراڻي محله ۾ ڪولاچي ۽ ميراڻي برادي جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ٻنهي ڌرين جا 4 مرد ۽ 3 عورتون زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال داخل ڪيو ويو. ايس ايڇ او گهوٽڪي طفيل ڀٽو جو چوڻ هو ته ٻنهي ڌرين جا زخمي اسپتال پهچرايا آهن جن کي فرسٽ ايڊ ڏنو پيو وڃي، جهيڙي تي ڪنٽرول ڪيو ويو آهي پوليس نفري ميراڻي محله ۽ اسپتال ۾ بيهاري ڇڏي آهي ته جيئن ٻيهر جهيڙو نه ٿي سگهي *** ميهڙ مان غلام حسين پنھور موجب ڳوٺ جعفر چانڊيو ۾ 9 ايڪڙ زرعي زمين جي تڪرار تان چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ڪهاڙيون ۽ ڏنڊا لڳڻ سبب ڌرين جا 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا، علائقو ميدان جنگ ڌريون هڪ ڪلاڪ تائين جهيڙينديون رهيون، زخمي تعلقي اسپتال ميهڙ بعد لاڙڪاڻو منتقل.

زخمين ۾ هڪ ڌر جا عبدالستار عبدالرزاق صفر چانڊيو شامل آھن جڏهن ته ٻي ڌر جا نبي بخش چانڊيو , پير بخش , مولا بخش , لياقت ,پيرل , روشن , علي بخش ۽ ٻيا شامل آهن.*** مانجهند مان مهراڻ عمراڻي ڳوٺ خاصائي انڊس هاءِ وي تي ڪراچي کان خيرپور ناٿن شاه طرف ويندڙ تيز رفتار ڪار موڙ ڪاٽيندي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪراچي واسي عبدالڪريم محمد زين عمران علي سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي مقامي ماڻھن تعلقه اسپتال مانجهند منتقل ڪيو جتي علاج جي سهولت نه هئڻ سبب کين سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. ****ٽنڊو باگومان فرحت خواجا موجب ڳوٺ جليل ملاح ۾ ٻارن جي معمولي ڳالهه تان ملاح برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو لٺيون ڪھاڙيون سريا لڳڻ سبب دڪان تي ويٺل سومرو ملاح، غلام علي ملاح بلاول ملاح، سميت ھڪ عورت زخمي ٿي پيا.

ٻن زخمين جي تشويشناڪ حالت ھئڻ سبب انڊس اسپتال بدين منتقل ڪيو ويو آهي.***ٺري ميرواھ مان زاهد شر موجب بوزدار وڏا ٿاڻي جي حد مينگھو فقير ويجھو ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمھون سامھون زور دار ٽڪر ٻه ڄڻا فوت ٽي زخمي فوتين ۾ شھزادو جسڪاڻي ۽ غريبان خاتون ,زخمين ۾ قاسم رند , زاھدان ۽ مومنا شامل جن کي ٺري ميرواهه اسپتال منتقل ڪيو*** شڪارپور مان عبدالخالق سومرو موجب نيو فوجداري ٿاڻي جي حد داون شاھ محلا ۽ سنجراڻي محلا نيو شڪارپور ۾ واپڊا سيپڪو جي ڪنڊا ڪنيڪشن ۽ رهتو بلن جي باقيدارن خلاف ڪارووائي دوران علائقي واسين سان جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ سيپڪو ملازم ذوالفقار ۽ گل محمد سميت پنج واپڊا ملازم سخت زخمي ٿي پيا جن کي فوري طور سول اسپتال شڪارپور پهچايو ويو ٻئي پاسي ايڪسيئين واپڊا شڪارپور صابر حسين بگٽي ۽ ايس سي لاڙڪاڻو محمد خان سوهو واقعي واري هنڌ پهچي ملازمن سان ٿيل زيادتي ۽ زخمي ٿيڻ جي داخلا نيو فوجداري ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو. ايڪسيئين واپڊا صابر حسين بگٽي، حاجي عنايت شيخ، سھيل ملاڻو، جاويد چانگ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪنڊا ڪنيڪشن چورن ۽ رهتو بلن جي باقيدارن جي رڪوري لاء سيپڪو ملازم سنجراڻي محلا ۽ داون شاه محلا پهتا ته مٿن حملو ڪيو ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ اسان جا پنج ملازم سخت زخمي ٿي پيا آهن هن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته ڪنڊا ڪنيڪشن چورن خلاف ڪاروائي هلندي رهندي ۽ ڪنهن به صورت ۾ کين نه بخشيو ويندو.










