ڪراچي(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان قومي اسيمبلي جو اجلاس اٽڪل سوا ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو. ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري سوالن جوابن جي ڪارروائي دوران ميمبرن کي سوال ڪرڻ لاءِ چيو، جنهن تي ميمبرن جو چوڻ هو ته اسان جو صرف هڪ ئي سوال آهي ته بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ ڪرائي وڃي. ان دوران ايوان ۾ گوڙ ٿيندو رهيو. جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته لڳي ٿو سوالن جوابن جي ڪارروائي ۾ ڪنهن به ميمبر کي دلچسپي ناهي، جنهن بعد ڊپٽي اسپيڪر بي اعتمادي رٿ تي بحث بنا اجلاس 3 اپريل تي ساڍي 11 وڳي تائين ملتوي ڪري اٿي هليو ويو. اپوزيشن احتجاج ڪيو ۽ بعد قومي اسيمبلي جي جاري اجلاس جي ايجنڊا ۾ نئين وزيراعظم جي چونڊ کي شامل ڪرڻ جي درخواست جمع ڪرائي. مخالف ڌر جو وفد قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي چيمبر ۾ پهتو پر اسپيڪر اسد قيصر چيمبر ۾ موجود نه هو.مخالف ڌر ايڊيشنل سيڪريٽري محمد مشتاق کي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته نئين وزيراعظم جي چونڊ کي قومي اسيمبلي جي اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل ڪيو وڃي. درخواست اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي صحيح سان جمع ڪرائي وئي. ضابطن موجب جڏهن وزيراعظم جو عهدو خالي ٿئي ٿو ته اسيمبلي نئين وزيراعظم جي چونڊ ڪندي آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ان ايجنڊا کي آرڊر آف دي ڊي ۾ شامل ڪيو وڃي. ياد رهي ته شيخ رشيد چيو هو ته 3 اپريل تي ووٽنگ ٿيندي.










