مختصر ويڊيو ذريعي فيسبڪ تان به پيسا ڪمائي سگهبا

مختصر ويڊيو ذريعي فيسبڪ تان به پيسا ڪمائي سگهبا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سوشل ميڊيا ايپليڪيشن ميٽا (فيس بُڪ) پنهنجي مقبوليت کانپوءِ عالمي سطح تي 150 کان وڌيڪ ملڪن ۾ ريلز فيچر متعارف ڪرايو آهي. هي فيچر اصل ۾ مختصر وڊيوز جو هڪ فيچر آهي جيڪو صارفين کي هڪ جاءِ تي ڪيترن ئي وڊيوز کي ڏسڻ جي اجازت ڏئي ٿو. ڪمپني جي تحقيق موجب سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ پنهنجي ڏينهن جو اڌ کان وڌيڪ حصو ريل ڏسڻ ۾ گذاريندا آهن جنهن ۾ ٻار، نوجوان ۽ عورتون پنهنجي پسنديده ريل ڏسڻ ۾ اينديون آهن. ريل جو فيچر فيس بڪ تي 2021 ۾ آمريڪا ۾ متعارف ڪرايو ويو هو پر هاڻي ٻين ملڪن ۾ به متعارف ڪرايو ويو آهي. ان کان اڳ 2020 ۾ ان کي انسٽاگرام تي متعارف ڪرايو ويو هو ڇاڪاڻ ته ٽڪ ٽاڪ تي مختصر وڊيوز تمام گهڻيون مشهور هيون ان ڪري ڪمپني ان کي ٻين سوشل ميڊيا سائيٽن لاءِ به لانچ ڪرڻ جو سوچيو. هن فيچر جي خاص ڳالهه اها آهي ته مواد ٺاهيندڙ يعني ڪنٽينٽ ڪريئيٽر ريل مان پئسا ڪمائي سگهن ٿا.ڪمپني جو چوڻ آهي ته ريل پلي بونس پروگرام تحت باصلاحيت تخليقڪارن کي هر مهيني 35,000 ڊالر تائين ادا ڪيا ويندا، يعني جنهن جا ويوز وڌيڪ هوندا ان کي وڌيڪ پئسا ملندا.  

پهنجو تبصرو موڪليو