اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اطلاعات واري وزير عطا الله تارڙ ۽ خزاني واري رياستي وزير بلال اظهر ڪياني وفاقي بجيٽ تي بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ گذريل بجيٽن کان مختلف آهي.اسلام آباد ۾ آن لائن بريفنگ دوران عطا الله تارڙ بجيٽ بابت سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته ڪجهه ماڻهن کي صرف تنقيد جي عادت هوندي آهي ۽ اهي تنقيد براءِ تنقيد تي يقين رکندا آهن، جڏهن ته مخالف به بجيٽ جي تعريف ڪري رهيا آهن. هن چيو ته حڪومت عوام کي رليف ڏيندڙ بجيٽ تيار ڪئي آهي، مشڪل دور ۾ مسلم ليگ (ن) جي قيادت معيشت کي سنڀاليو. عطا الله تارڙ جو چوڻ هو ته نواز شريف جي ويزن تحت وزيراعظم شهباز شريف معاشي معاملن کي اڳتي وڌايو. هن چيو ته جيڪڏهن پيرس ۾ آءِ ايم ايف (IMF) سان معاملا طئي نه ٿين ها ته اهو خدشو هو ته ملڪ ڊيفالٽ ڪري وڃي ها، پر وزيراعظم ذاتي ڪوششن سان ڳالهيون ڪيون ۽ ملڪ آءِ ايم ايف پروگرام ۾ شامل ٿيو. اطلاعات واري وزير چيو ته گذريل 2 سالن دوران وزيراعظم مسلسل چوندو رهيو ته جئين ئي گنجائش ٿيندي عوام کي رليف ڏنو ويندو، حڪومت صرف گنجائش جو انتظار ناهي ڪيو پر ڀرپور محنت سان گنجائش پيدا ڪئي آهي. عطا الله تارڙ جو چوڻ هو ته حڪومت ايف بي آر (FBR) ۾ سڌارا لاڳو ڪيا، سفارش ڪلچر جو خاتمو ڪيو ۽ ٽيڪس وصولي جي نظام کي مربوط بڻايو. وزيراعظم جو ويزن هو ته ٽيڪس ڏيندڙن تي ٽيڪس نه ڏيندڙن جو بوجھ نٿو وجهي سگهجي، ڪسٽمز هجي يا انڪم ٽيڪس، سفارش تي مقررين جو سلسلو ختم ڪري ميرٽ سسٽم متعارف ڪرايو ويو. هن چيو ته بندرگاهن کان وٺي انڪم ٽيڪس آفيسن تائين شفاف ۽ ميرٽ تي ٻڌل نظام قائم ڪيو ويو آهي. عطا الله تارڙ موجب، بندرگاهن تي “فيس ليس اپريزل” (بغير آمهون سامهون ٿيڻ واري پرتال) جو نظام لاڳو آهي، جنهن ۾ امپورٽر (گهڙائيندڙ) يا ايڪسپورٽر (موڪليندڙ) جو ڪسٽمز آفيسر سان سڌوسنئون ڪو تعلق ناهي هوندو. فيس ليس سسٽم ۾ سڄو عمل آن لائن نظام ذريعي ٿيندو آهي، جنهن ڪري جيڪي ڪم اڳي هفتن ۾ ٿيندا هئا اهي هاڻي ڏينهن ۾ مڪمل ٿي وڃن ٿا، جڏهن ته دير ٿيڻ يا ناجائز مطالبن جي گنجائش به ختم ٿي چڪي آهي. اطلاعات واري وزير موجب، ايڪسپورٽ ري فنانسنگ اسڪيم تحت وياج جي شرح صرف 4 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي آهي، جنهن کي برآمدي صنعت لاءِ هڪ وڏو رليف قرار ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته پگهاردار طبقي، صنعت ۽ برآمد ڪندڙن سميت سمورن شعبن کي هن بجيٽ ۾ فائدو ڏنو ويو آهي. وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت نوجوانن لاءِ وڏي پيماني تي فنڊ مختص ڪيا ويا آهن، جڏهن ته زرعي ۽ ڪاروباري قرضن مان لڳ ڀڳ 5 لک 50 هزار نوجوان فائدو حاصل ڪندا. زرعي شعبي ۽ نوجوان گريجوئيٽس جي ترقيءَ لاءِ 1 ارب رپين کان وڌيڪ رقم مختص ڪئي وئي آهي. اطلاعات واري وزير وڌيڪ چيو ته زرعي اوزارن جي گهرائڻ (امپورٽ) تي سموريون ڊيوٽيون ختم ڪيون ويون آهن، جڏهن ته زرعي گريجوئيٽس کي وڌيڪ تعليم لاءِ چين موڪليو ويو آهي. هن اهو به چيو ته ايگريڪلچرل انوويشن (زرعي جدت) ۽ زرعي فنانس ۾ وياج جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائي واري اسڪيم پڻ جاري رهندي.










