مخالفن جو وڦلڻ شڪست جي نشاني آهي، محمد بخش خان

خانپورمهر(ن س) اين اي 205 جي پ پ اميدوار سردار محمد بخش خان مهر  چيو آھي ته توهان جي ننڊ ڦٽائڻ لاء مهر مون سان گڏجي ميدان تي نڪتا آھن. مون ته ويهه ڪلاڪ ننڊ ڪئي توهان کي چار ڪلاڪ به سمهڻ نه ڏينداسون. سندس چوڻ ھو ته مخالف ٽاس ٿيڻ شرط بيهوش آھن  اننگ شروع ٿيندي ئي ميدان ڇڏي ڀڄي ويندا. اهڙو اظهارهن علي گوهر خان جي ڪيل تنقيد جي جواب ۾ ڪيو. علي گوهر خان گذريل ڏينهن چيو هو ته محمد بخش خان 20 ڪلاڪ ننڍ ڪندو آهي عوام سان ڪٿان ملندو. مختلف ڳوٺن ۾ ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي هن چيو ته هي چونڊ ڪرسي کٽڻ يا هارائڻ جي جنگ ڪونهي پر ڦورو طبقي ۽ عوام دوست ڌرين ۾ مقابلو آھي. هن چيو ته هڪڙا اهي آھن جن جي سياست جو بنياد دٻڙ ڌونس ۽ خوف تي آھي پر اسين خدمت تي يقين رکون ٿا. هن چيو ته  مخالفن جون وايون بتال ٿي چڪيون آھن تڏهن وڦلن ٿا ۽ پارٽي قيادت خلاف غيرمهذب ٻولي ۽ گٿا لفظ ڳالهائين ٿا، وڦلڻ شڪست جي نشاني آهي. هن چيو ته فارم رد ڪرائڻ لاء ڏينهن رات مٿس انڌا منڊا الزام لڳندا رهيا پر جڏهن مخالف ۽ الزام هرهنڌ ڪوڙا ثابت ٿيا ۽ هو امين ۽ صادق ثابت ٿي ويو ته هو ذاتيات تي لهي آيا آھن. ته عوام جون زمينون ڦٻائندڙ، دڪانن، پلاٽن، پاڻي جي تلائن ۽ ماڻھن جي گهرن تي قبضا ڪندڙ تاريخ ۾ حاتم طائي نه ٻئي نالي سان سڏيا ويندا آھن. هن راجا خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڪوڙ هڻڻ بند ڪريو ته ڪو مانهون توهان جي ڪري اليڪشن کٽي سگهي ٿو، مان پنهنجي والد جي خدمت، مهرن جي ساٿ، پيپلز پارٽي جي جيالن، اتحادين ۽ ضلعي جي ٻين برادرين جي حمايت سان سوڀ ماڻيندس توهان کي پنهنجي حيثيت جي 23 جولاءِ تي خبر پئجي ويندي. سردارمحمد بخش خان مهر چيو ته منهنجي ايم پي اي واري سيٽ به اوهان ۽ اوهان جي اتحادين وٽ يرغمال هئي ۽ توهان جهڙي نموني من ماني ڪئي سو اکر اکر ياد آھي. هن چيو ته پير سائين پاڳارو اسانجو خيرخواهه آهي، عوام ۽ ضلعي جي خوشحالي چاهيندڙ سڀ ساڻس گڏ آھن.

سردار محمد بخش خان مهر ، نثار احمد کهڙو ۽ گل محمد خان جکراڻي جو ڳوٺ عارب مهر ۾ ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب

هوڏانهن ڪالهه هن ڳوٺ عارب مهر ۾ پيپلزپارٽي سنڏ جي صدر نثار احمد کهڙو، گل محمد خان جکراڻي ۽ ٻين سان گڏ ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو هو ته سڀ مهر منهنجا ڀائر آهن. اوهان سان دل جي ڳالهه ٿو ڪريان ۽ اوهان ب دل سان ٻڌي رهيا آهيو ۽ عمل به دل سان ڪري ڏيکاريو. هن سينئر صحافي اعجاز مهر جو هٿ وٺي فضا ۾ بلند ڪندي چيوت اسين اهڙي بهادر شخص جي ڪلهي تي آهيون اسانکي هاڻي پرواهه ناهي. نثار کهڙو اعجاز مهر لاءِ چيو ته ننڍڙي ڳوٺ مان پنهنجي محنت تي دنيا ۾ نالو ڪمائيندڙ هي شخص اصول پرست انسان آهي. ٻالڪپڻ کان سفيد مٿو ٿيڻ تائين هو پنهنجي ڳالهه ۽ اصول تي قائم رهيو آهي. ان کان اڳ حاجي ڀورل، حاجي گل حسن مهر ۽ حاجي ممتازمهرآيل مهمانن کي اجرڪ پارايا. ڪاروائي گل حسن عرف ڀائو مهر هلائي. ان موقعي تي نوجوانن چيف سردار زنده باد جا نعرا هڻندي سندس ساٿ نڀائڻ جو وچن ڪيو. سردار محمد بخش خان عارب ڳوٺ جي نوجوانن لاءِ اسپورٽس ڪمپليڪس ٽهرائڻ جو اعلان ڪيو ۽ هو نوجوانن، پوڙهن ۽ پڪن سان ڀاڪر پائي ملندو رهيو ۽ سڀني سان هٿ ملائيندي چوندو رهيو ته اسين سڀ پاڻ ۾ هڪ آهيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو