محمد زبير پاران شاهد خاقان جي استيعفيٰ ڏيڻ جي تصديق

محمد زبير پاران شاهد خاقان جي استيعفيٰ ڏيڻ جي تصديق

لاهور(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ترجمان ۽ (ن) ليگ جي سينيئر اڳواڻ محمد زبير شاهد خاقان عباسي جي سينيئر نائب صدر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي محمد زبير چيو ته منهنجو موقف بلڪل واضح آهي، مفتاح اسماعيل پارٽي ۾ آهي ۽ ڊار صاحب تمام سينيئر آهي، هو عوام ۾ پارٽي جي خرابي تي بحث ڪرڻ نٿا چاهين. هن چيو ته شاهد خاقان سينيئر نائب صدر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، هو پارٽي ورڪر ۽ عظيم ليڊر آهي، مان نه ٿو سمجهان ته نائب صدر جو عهدو ڇڏڻ سان کيس ڪو فرق پوندو. محمد زبير چيو ته شاهد خاقان تمام سينيئر آهي، هو نٿو سمجهي ته عهدو ڇڏڻ کانپوءِ سندس قد ۾ ڪو فرق پوندو، هو وڏو ليڊر آهي ۽ وزيراعظم رهيو آهي، پارٽي کي سندس تجربي جي ضرورت آهي. هن چيو ته شاهد خاقان سينيئر نائب صدر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي جنهن جي تصديق مريم اورنگزيب به ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو