محمد زبير جي آرمي چيف جنرل باجوا سان ملاقات

محمد زبير جي آرمي چيف جنرل باجوا سان ملاقات

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اڳوڻي گورنر ۽ مسلم ليگ (ن)جي اڳواڻ محمد زبير انڪشاف ڪيو آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان تازو ئي آچر واري ڏينهن اسلام آباد ڪلب ۾ ملاقات ٿي هئي. هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي محمد زبير چيو ته پنهنجي گهروارن سان گڏ اسلام آباد ڪلب وڃڻ ٿيو ته اتي آرمي چيف موجود هو، پوءِ جيئن اسان جي روايت آهي ته خيرسگالي طور ملبو آهي ته ايئن آرمي چيف سان 10، 12 منٽن تائين انتهائي خوشگوار ماحول ۾ ملاقات ٿي. ليگي اڳواڻ چيو ته ان وقت ڪلب ۾ ڏيڍ 2 سو ماڻهو موجود هئا، سڀني ڏٺو ته اسان جي ملاقات ٿي پر خبر ناهي ڇو پوءِ ڪنهن همراهه اهو هُلائي ڇڏيو ته چيف ملاقات کان منع ڪري ڇڏيو، حالانڪ اهڙي ڳالهه نه هئي، اسان جي نهايت سٺي ملاقات ٿي، هلڪي ڦلڪي گفتگو ٿي. محمد زبير ان ملاقات بابت وڌيڪ تفصيل نه ٻڌايا.

پهنجو تبصرو موڪليو