ڪراچي (رپورٽر ) جماعت اسلامي سنڌ جي نائب مير محمد حسين محنتي، حماد الله ڀٽو، اصغر گبول،ممتاز سهتو، ممتاز اڄڻ، محمد بچل سومرو، سجاد لاڙ، سڪندر گبول، مير تنيو ۽ ٻين عبدالله شاهه غازي ڳوٺ اِي بلاڪ جي قائم ڪيل احتجاجي ڪئمپ تي پهچي بلڊر مافيا ۽ سنڌ پوليس پاران ڳوٺ کي مسمار ڪري رهواسين تي فائرنگ ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته غازي ڳوٺ جي رهواسين کي بي گهر ڪرڻ، عورتن مٿان فائرنگ ڪرڻ سراسر ظلم آهي هتان جا رهواسي سالن کان آباد آهن جيڪي بجلي، گئس سميت سرڪار جا سمورا بل ادا ڪن ٿا جماعت اسلامي ڳوٺاڻن سان شانه بشانہ گڏ بيٺل آهي سنڌ سرڪار پاران ننڍڙن ملازمن کي معطل ڪرڻ بدران وڏن جوابدارن کي وائکو ڪري مٿن قانوني ڪارروائي ڪري وزيراعلي سنڌ کي غازي ڳوٺ جي معاملي تي معافي وٺي ۽ ڳوٺاڻن کي يقين ڏياري ته آئنده اهڙي ڪا به ڪاروائي نه ٿيندي هن وڌيڪ نعمت الله خان پنهنجي ميئر شپ دور ۾ ڳوٺن کي بنيادي سهولتون ڏنيون هاڻ سنڌ سرڪار جي ذميواري آهي ته ڳوٺاڻن کي ليز ڏئي سڀ سهولتون فراهم ڪري










