ڪشمور(رپورٽ جي ايم کوسو )گذريل هفتي شادي جي محفل لاءِ دوکي سان گهرايل 4 اغوا ڪيل فنڪارن مزمل ڀٽي اخلاق ڀٽي دربان علي ۽ سهيل احمد ڀٽي کي ڪشمور پوليس بازياب ڪرائي ورتو آهي.پوليس جو چوڻ آھي ته ايس ايس پي ڪشمور امجد حسين شيخ جي سربراهي ۾ ڏوهارين خلاف هلندڙ آپريشن ۾ جڏهن ڌاڙيلن جو گهيرو تنگ ڪيو ويو ته ڌاڙيل مغوين کي محفوظ هنڌ ڏانهن منتقل ڪري رهيا هئا۔ خفيه اطلاع تي ايس ايڇ او ڪشمور واقعي واري هنڌ پهچي ويو۔ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن جي نتيجي ۾ ڏوهارين مغوين کي ڇڏي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا۔ ياد رهي ته گذريل هفتي خيرپور جي فنڪارن کي دوکي سان گهرائي اغوا ڪيو ويو هو۔ هيل تائين ڪشمور پوليس ڇهن مغوين کي بازياب ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪي آھي اڃا هڪ پوليس اهلڪار ۽ هڪ چوڪيدار ڌاڙيلن جي قبضي ۾ آھن جن جي آزادي لاء پوليس جو آپريشن ڪشمور جي ڪچي واري علائقي ۾ جاري آھي.










