لاهور (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام 1448ھ جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو.مذهبي معاملن واري وزارت موجب، رويت هلال ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت ۾ اجلاس لاهور جي بادشاهي مسجد ۾ ٿيندو.ان کان علاوه، سعودي عرب ۾ به اڄ شام جو اجلاس ٿيندو، جڏهن ته پهرين محرم الحرام تي غلافِ ڪعبه (ڪسوه) به تبديل ڪيو ويندو آهي.ياد رهي ته ماضي ۾ غلافِ ڪعبه ذوالحج جي مهيني ۾ تبديل ڪيو ويندو هو.










