ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي مشهور فنڪاره جوڙي محب مرزا ۽ صنم سعيد جي عيد واري تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.ڪافي عرصي تائين پنهنجي شادي کي مداحن ۽ ميڊيا کان ڳجهو رکڻ واري جوڙي آخرڪار سوشل ميڊيا تي گڏ تصويرون شيئر ڪري ڇڏيون.شادي جون خبرون منظر عام تي اچڻ کانپوءِ محب مرزا پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي پنهنجي زال صنم سعيد سان گڏ اها پهرين پوسٽ شيئر ڪئي آهي.هن پوسٽ ۾ صنم سعيد ۽ محب مرزا جون منفرد انداز ۾ تصويرون ڏسي سگهجن ٿيون.هن پوسٽ جي ڪيپشن ۾ محب مرزا صنم سعيد سان پنهنجي رشتي کي مبارڪ قرار ڏنو ۽ مداحن کي عيد جون مبارڪون ڏنيون.










