راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)راولپنڊي جي مشهور ۽ معروف لال حويلي ۽ متوڪا وقف امالڪ بورڊ جي وچ ۾ ملڪيت جي تڪرار تي ايڊمنسٽريٽر متوڪا وقف امالڪ بورڊ تنوير احمد عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد کي طلبي جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.شيخ رشيد کي لال حويلي جي 7 مختلف يونٽن جي حوالي سان داخل اپيل ۾ طلب ڪيو ويو آهي.شيخ رشيد ڊپٽي ايڊمنسٽريٽر جي ايڪشن ۽ فيصلي خلاف اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي.متروڪ وقف املاک بورڊ شيخ رشيد کي 3 فيبروري تي صبح 10 وڳي زونل آفيس راولپنڊي ۾ طلب ڪري ورتو آهي.










