متحده قيادت ڪراچي واسين کي يرغمال بنائڻ ]چاهي ٿي

متحده قيادت ڪراچي واسين کي يرغمال بنائڻ ]چاهي ٿي

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته خالد مقبول صديقي جي پريس ڪانفرنس مان ظاهر آهي ته اهو شديد ذهني دٻاءُ جو شڪار آهي، خالد مقبول صديقي جو ذهني دٻاءُ ڏسڻ وٽان آهي، پر انهي جو علاج صرف وفاقي وزير صحت وٽ آهي، متحده جي هٿ ٺوڪي قيادت جڏهن به پريس ڪانفرنس ڪندي آهي تڏهن شديد ناراض ۽ فرسٽريٽڊ نظر ايندي آهي. اهو فرسٽريشن انهي جي سياسي اڪيلائپ ۽ سياسي بي وسي جي عڪاسي ڪري ٿي.ناصر حسين شاهه جو چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم جي خود ساخته ۽ نام نهاد قيادت نه ڪراچي جي عوام جي چونڊيل آهي نه ئي وري حقيقي سياسي نمائندگي رکي ٿي. متحده جي نام نهاد قيادت صوبي کي نه، ڪراچي جي عوام، واپار، امن ۽ خوشحالي کي يرغمال بنائڻ جي ڳالهه ڪري رهي آهي، ڪراچي جي عوام انهن جا چهرا ۽ ماضي کي چڱي ريت سڃاڻي چڪي آهي انهي لاءِ شهرين انهن کي رد ڪيو.هن چيو ته اهڙيون ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجي جيڪي انهن جي سوچ، سمجهه، فهم ۽ سياسي قد کان مٿانهيون هجن. فاروق ستار موجوده متحده جون 12 رانديگر آهي جيڪو هاڻ متحد ناهي رهيو. سنڌ جي ورهاست نٿي ٿي سگهي پر مان هاڻ متحده کي ورهائجندي ضرور ڏسي رهيو آهيان.ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته متحده مان م، ۽ خ ڌار ٿي ويندا باقي ڦ ڦيٿي جيان گهمندا رهند.ا متحده جي غير متحد ماڻهن کي سمجهڻ گهرجي ته ڪراچي جي عوام پاڪستان پيپلز پارٽي سان گڏ آهي ڪراچي جي عوام محبت، ڀائيچاري، امن ۽ ترقي جي سفر سان گڏ آهي هاڻ انهن جو متحده سان ڪوبه واسطو نه آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو