ماڻڪ واهه جو پاڻي وڪرو، پڇڙي وارن جا فصل تباهه

ٽنڊوباگو (ڄام سھيل سمون )نئون ماڻڪ واھ جي پوڇڙ جي آبادگارن فقير محمد خاصخيلي، ڏاڏو محمد خان نظاماڻي،غلام رسول جمالي،انب ريٻاري،بابر جٽ، گلزار خاصخيلي ۽ ٻين ´´ روزاني سنڌ يار “ آڏو دانھيندي ايس ڊي او ايريگيشن سب ڊويزن تلھار ، داروغو نئون ماڻڪ واھ ۽ ڪئنال اسسٽنٽ تي الزام ھڻندي چيو ته ھنن ملي ڀڳت ڪري ماڻڪ واھ جي منڍ جي بااثر زميندارن کان ڳري رشوت عيوض واھ کي منڍ وٽان ڇاٻون ھڻي ۽ مشينون لڳائي، ريگيوليٽرن جا در بند ڪري پوڇڙ جي آبادگارن جي حصي جو پاڻي وڪرو ڪري رھيا آھن.

Photo Sindhyar

جنھن جي ڪري پوڇڙ ۾ ھزارين ايڪڙن تي پوکيل فصل خاص طور تي ساريال جو فصل سڪي، سڙي تباھ ٿيڻ ڪري زميندارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان پھتو آھي۔ ھنن وڌيڪ چيو ته پاڻي نه هجڻ ڪري فصل ته سڪي سڙي تباھ ٿي ويا پر هاڻي ماڻھون ۽ ڍور به پيئڻ جي پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاء پريشان آھن ۔

Photo Sindhyar

مال وندن جو مال اڃ وگھي مرڻ لڳو آھي ۔ هنن چيو ته ڪجھ ڏينھن کانپوء لاش / مردي کي غصل ڏيڻ جيترو پاڻي به نه هوندو ۔ ھنن ايريگشن جي بالا آفيسرن ، سيڊا بدين جي چيئرمين قبول محمد کٽياڻ سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو آھي ته ڄاڻايل ايريگيشن سب ڊويزن تلهار جي مبينا ڪرپٽ ۽ راشي آفيسرن خلاف فوري طور تي قانوني ڪاروائي ڪندي نئون ماڻڪ واهه جي پوڇڙ تائين پاڻي پھچائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو