ماڪڙ بابت چيني ماهرن کي مٺي ۾ بريفنگ

مٺي (لياقت نھڙيو ) سنڌ جي مختلف ضلعن ۾  فصلن کي  ماڪڙن جي حملن کان محفوظ بنائڻ ۽ اڳواٽ انتظام ڪرڻ جي سلسلي ۾ چائنا حڪومت جو وفد وانگ فيگل جي سربراهي ۾ مٺي پهتو. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ٿرپارڪر مختيار علي ابڙو وفد جو استقبال ڪيو ۽ ٿرپارڪر ضلعي ۾ سال 2019 ۾ سنڌ حڪومت جي مدد سان ضلعي انتظاميه پاران فصلن کي ماڪڙن جي حملي کان بچائڻ لاءِ ورتل اپائن بابت تفصيلي آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته مختلف تعلقن ۾ ٽيمون جوڙي زراعت توسيع کاتي ۽ پلانٽ پروٽيڪشن جي ذريعي  اسپري جو ڪم شروع ڪرايو ۽ ضلعي ٿرپارڪر جي 109369 ايڪڙزمين تي اسپري ڪرايو ويو . گڏجاڻي ۾ ٻڌايو ته عربي سمنڊ ۽ پاڙيسري ملڪن کان ٿيندي ماڪڙ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ پهچي فصلن کي نقصان پهچايو پر سنڌ حڪومت لاڳاپيل ضلعن جي انتظاميه سان گڏجي تڪڙا اپاءُ ورتا جنهن جي نتيجي ۾ فصلن کي گهڻي نقصان کان بچائڻ ۾ مدد فراهم ٿي . ان موقعي تي ڪوآرڊينيٽر پاڪ فوج جي 5 ڪور جي  برگيڊئير محمد تقي راجا ٻڌايو ته سال 2019 ۾ وفاقي توڙي سنڌ حڪومت ماڪڙ جي حملي کي منهن ڏيڻ لاءِ هر ممڪن اپاءُ وٺندي لاڳاپيل ضلعن ۽ کاتن جي مدد سان ڪوششون ورتيون ۽ هن سال اڳواٽ تياري ڪرڻ لاءِ منصوبه بندي ڪئي پئي وڃي . هن وڌيڪ چيو ته سال 2020 ۾ سنڌ جي 5.2 ملين ايڪڙ زمين تي ماڪڙ کان بچاءُ جي اسپري جو ڪم ڪيو ويندو جنهن جي لاءِ 0.5 ملين ليٽر اسپري دوا جي ضرورت پوندي ۽ ٻن اسپري مشينن سان 35 گاڏين جي ضرورت پوندي .هن وڌيڪ ٻڌايو ته زرعي توسيع کاتي ۽ پلانٽ پروٽيڪشن جي مدد سان آبادگارن کي فصلن کي ماڪڙن جي حملي کان محفوظ بنائڻ لاءِ اسپري ڪرڻ بابت تربيت پڻ ڏني وئي آهي ان کان علاوه ضلعي انتظاميه ۽ لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن سان گڏجي آگاهي پروگرام پڻ منعقد ڪرايا ويندا جڏهن ته ضلعي ۽ تعلقي سطح تي پڻ ڪنٽرول روم قائم ڪيا ويندا . ان موقعي تي چائنا حڪومت جي وفد جي سربراه وانگ فيگل چيو ته چائنا حڪومت پاڪستان کي هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. سال 2020 ۾ ماڪڙ جي حملي کان فصلن کي بچائڻ لاءِ  هنگامي بنيادن ۽ مستقل بنيادن  تي فني مدد پڻ فراهم ڪندي .گڏجاڻي ۾ چائنا حڪومت جي زراعت شعبي سان لاڳاپيل فني ماهرن کان علاوه پلانٽ پروٽيڪشن جي آفيسر  محمد حسين درس ،چيتن مل ڊائريڪٽر ايگريڪچلر ايڪسٽينشن ميرپورخاص ، ميجر نعمان ڊپٽي ڊائريڪٽر ريسپانس نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي ، ڊپٽي ڊائريڪٽر زراعت ٿرپارڪر گوپال داس ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو