ماڙي  انرجي ڊيرا بگٽي ۾ گئس دريافت ڪرڻ جو اعلان

ماڙي انرجي ڊيرا بگٽي ۾ گئس دريافت ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ماڙي انرجي لميٽيڊ ڊيرا بگٽي ضلعي ۾ گئس جي دريافت جو اعلان ڪيو.ماڙي انرجي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڊيرا بگٽي جي ڪلچاس سائوٿ بلاڪ ۾ تبري-1 کوهه ۾ گئس دريافت ڪئي وئي آهي.اعلان موجب کوهه ۾ 7,170 فوٽ جي کوٽائي تي گئس جا ذخيرا مليا آهن،شروعاتي نتيجن ۾ کوهه مان گئس جو وهڪرو 6.5 کان 11 ايم ايم ايس سي ايف ڊي في ڏينهن تائين رڪارڊ ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو