ماڊل ناياب قتل ڪيس وڌيڪ الجهي ويو، خون ٻڏڻ جو خطرو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڊفينس جي هڪ گهر ۾ پراسرار نموبي قتل ٿيل ماڊل ناياب جي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچي و؟ي آهي. جنهن ۾ موت جو سبب ڪو به ڄاڻايل ناهي. سندس ڳچي تي نشان موجود آهن ۽ چيو ويو آهي ته سندس وات ۾ رت ڀريل هو ۽ هن الٽي به ڪئي هئي. پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم 40 کان 48 ڪلاڪ پوِ ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته هي قتل ڪيس وڌيڪ الجهي ويو آهي ۽ فارينزڪ رپورٽ جو انتظار ڪرڻو پوندو ۽ جيسين موت جو سبب معلوم نه ٿيندو تيسين جاچ اڳتي نه وڌي سگهندي. چيو وڃي ٿو ته هوءِ هڪ پارٽي ۾ شريڪ ٿي هئي جتي جهيڙو ٿيڻ بعد هوءِ قتل ٿي هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس دلچسپي نه پئي وٺيڇو ته پارٽي جو انتظام ڪندڙ طاقتور ڌريون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو