ماورا مون کان بهتر اداڪاره آهي، عروه حسين

ماورا مون کان بهتر اداڪاره آهي، عروه حسين

لاهور(ويب ڊيسڪ)اداڪارا عروه حسين پنهنجي ڀيڻ ماورا حسين کي پاڻ کان بهتر اداڪاره قرار ڏئي ڇڏيو.ڳالهائيندي عروه حسين چيو ته ماورا حسين مون کان بهتر اداڪاره آهي، سٺي اداڪارا به سٺا ڳائي سگهن ٿيون.هن چيو ته مان پنهنجي فلم جي پروموشن ۾ مصروف آهيان، اڄوڪي ميچ نه ڏٺي آهي پر ڪرڪيٽ ۾ تمام گهڻي دلچسپي آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته خليل الرحمان قمر ۽ سندس نرم طبيعت جو سوال ئي ناهي.عروه حسين وڌيڪ چيو ته مون ٻارن کي ٽيوشن به پڙهايا آهن.ساڳئي پروگرام ۾ شرڪت ڪندي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان معين خان چيو ته بابر ۽ رضوان به سيٽ ٿيڻ کانپوءِ ڇڪا هنيا، نيوزيلينڊ جي ٽيم اڄ هڪ ٽيم طور کيڏي.اسپنر عماد وسيم چيو ته آسٽريليا دنيا جي بهترين ٽيم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو